اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ?? سانوڻي جي برساتن دوران شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي فوڊ سيڪيورٽي اپ ڊيٽ ۾ چئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهن پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، لکين چوپايو مال فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9.4 ملين ايڪڙ ايراضيءَ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو. سڀ کان وڌيڪ نقصان بلوچستان ?? سنڌ ۾ ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شي?? جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. آڪٽوبر 2021ع ۾ شي?? جي مهانگائي جي شرح 8.3 سيڪڙو هئي جيڪا مارچ 2022ع ۾ 15.3 سيڪڙو ۽ ٻوڏ کانپوءِ سيپٽمبر ۾ 31.7 سيڪڙو ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي سببن، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ مقامي ڪرنسي?? جي قدر ڪِرڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي ويون. بنگلاديش ۾ ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ ساليانو بنيادن ??ي 7.9 سيڪڙو، نيپال ۾7.4 سيڪڙو ۽ پاڪستان ?? 35.5 سيڪڙو مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو. سريلنڪا ۾ اها شرح 64.4 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق گذريل سانوڻي دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گهٽ پيون، جنهن سبب خوراڪ جي پيداوار ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي جنهن جا اثر اڃا سامهون اچي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو: عالمي بئنڪ جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores