تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۾ حجاب قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب هڪ تمام وڏو واٽر پارڪ ب??د ڪيو ويو. ايراني خابرو اداري فارس مط??بق ايراني اختيارين اتر اوڀر ايران جي شهر مشهد ۾ هڪ تمام وڏو تفريحي پارڪ ب??د ڪري ڇڏيو. ان پارڪ ۾ ??اح??اب عورت?? کي داخلا جي اجازت نه هئي. خابرو اداري مط??بق پوليس ايران جي ٻئين وڏي شهر جي پسگردائي ۾ پاڻي جي راندين لاءِ مشهور خروشان ڪمپليڪس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر محمد بابائي چيو ته ا?? کي پردي جي حيثيت جو احترام نه ڪرڻ سبب بند ڪيو ويو آهي، اسان ايندڙ?? کي حجاب جي پابندي ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. اهو پارڪ 60 هزار چورس ميٽر جي ايراضي تي ٻڌل آهي ۽ دنيا جو سڀني کان وڏن انڊور واٽر پارڪس مان هڪ طور مشهور آهي. ڪمپليڪس جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ان بندش سبب هڪ هزار ملازم?? کي پنهنجي نوڪري کان محرام ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايران، حجاب قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب واٽر پارڪ بند ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر