اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 100 ڏينهن واري پلان کي مسلم ليگ (ن) جي ويزن 2025ع جي ڪاپي ۽ عوام ک?? دوکو ڏيڻ جو منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو منصوبو عملي ناهي تصوراتي آهي جنهن کي پڙهي کل اچي ٿي. گهرو وزير احسن اقبال، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب، صحت واري وف??قي وزير سائره افضل تارڙ، تعليم ۽ پيشيورڻي تربيت وارو وف??قي وزير انجنيئر بليغ الرحمان، توانائي وارو وف??قي وزير اويس احمد خان لغاري، خصوصي صلاحڪار هارون اختر خان سميت وف??قي وزيرن ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ احمد خان پنجاب هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي پنهنجي وزارتن ۽ حڪومتي قدمن کي اج??گر ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز