کيوڙه – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پرڏيهي ملڪن کان قرضن بدران پرڏيهي سيڙپڪاري تي يقين رکي ٿي، سعودي عرب پاڪستان ?? اربين روپين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، سعودي عرب گوادر ۾ آئل ريفائنري لڳائيندو، موجوده حڪومت شفافيت ۽ خوداحتسابي سان اڳتي وڌي رهي آهي، احتساب جو عمل به جاري آهي ايندڙ ڏينهن ۾ احتساب جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو، ملڪ ۽ قوم جي دولت ڦريندڙ چورن ۽ ڌاڙيلن کي حساب ڏيڻو پوندو، اسحاق ڊار ڪمپني عوام جو پئسو کاڌو آهي اهو هر صورت ۾ واپس آڻينداسين پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام به اهو چاهي ٿي. جهلم، پنڊ دادن خان، کيوڙه ۽ ٻين علائقن ۾ عوام جي پراڻي مسئلن جي حل سان گڏ تعمير ۽ ترقي جي نون منصوبن جا ڄار وڇائينداسين. هو پنڊ دادن خان، کيوڙه، جهلم ۾ مختلف تقريبن کي خطاب ڪري رهيو هو.
سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو: چوڌري فواد
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ