اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي ??رڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي ??رڏيهي وزير فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ????را??ن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مسئلي جي ??ه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلسطين جي ??م منصب کي فلسطين جي ??ُرامن مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي ??سئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي ??اکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرفان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان فلسطيني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores