ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ ??هم عهدا ملندا، ج??هن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته عبوري ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ??رڻ کانسواءِ صرف تنقيد ??رڻ هڪ طرفي سوچ آهي. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغانستان ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته افغانستان ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، ج??هن ته ??هڪ??ر جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغانستان ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغانستان ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ملڪ افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مدد ??رڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ داعش موجود ناهي، ج??هن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، ج??هن ته انهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ ??لد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن جا تحفظات ختم ??رڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ ??علان ڪيو.
افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي: افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات