اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جو آ??ين سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو، ان سلسلي ۾ هڪ آسان آن لا??ين طريقيڪار ذريعي ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ و??ٽنگ ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻاهر??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ٻاهر??ين ملڪ رهندڙن جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، انهن کي انهن جي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ انهن سان وڏو امتيازي سلوڪ ٿي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شفاف طريقي سان ووٽر لسٽن جي تياري لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ پوسٽل بيلٽ ۽ سفارتخانن ۾ عملي پولنگ جي ذريعي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان ڏکيائيون آهن، انٽرنيٽ ووٽنگ ٻاهر??ين ملڪ رهندر پاڪستانين جي لاءِ و??ٽ وجهڻ جو سڀ کان آسان ۽ قابل عمل طريقو آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي لاءِ ن??ين ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. آنل ا??ين ووٽنگ جي تفصيل بابت هن چيو ته حڪومت ويجهي مستقبل ۾ ٻاهر??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ 5، 6 ڏينهن جي لاءِ رجسٽريشن ونڊو کولي ڇڏيندي. هن چيو ته داخلا کانپوءِ نادرا جي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي ملڪ جي مقامي فهرستن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙن جو نالو گري آئوٽ ٿي ويندو، ان کانسواءِ سمارٽ فونز جي ذريعي ووٽنگ جي رازداري سان استعمال ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪوڊ ملندو. هن وڌيڪ چيو ته غيرشفافيت جي خدشي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وڌل ووٽن جي الگور ٿم کي ملايو ويندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن هڪ آڊٽ سستم لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن جي لاءِ پاس ورڊز چيف ال??ڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ٻنهي کي ڏئي سگهجي ٿي. هن ان ڳال??ه تي زور ڏنو ته هڪ موثر آڊٽ سسٽم آن لا??ين ووٽنگ سسٽم جي هيڪنگ کي روڪي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ و??ٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻاهر??ين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت کي ملڪ ۾ پنهنجي هم وطنن سان شيئر ڪن ته جيئن انهن کي دنيا ۾ سبقت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي حقن جي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
ملڪ جو آئين سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ