اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته راوي اربن ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ منص??با آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهن منصوبن جي ذريعي وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. اهي منص??با ان لحاظ کان مثال هوندا ته انهن جي ذريعي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ايندي. ان کان اڳ راوي اربن ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمران امين وزيراعظم کي منصوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مختلف منصوبن جن ۾ چهار باغ، انڊسٽريل اسٽيٽ، واٽر ٽريننگ ورڪ، سفائر بي، ويسٽ ٽريٽمينٽ پلان سميت مختلف منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آه?? ۽ سمورا انتظامي ۽ ماحولياتي مسئلا حل ڪيا ويا آه?? ۽ ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آه??. وزيراعظم کي باب پاڪستان جي تعمير بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 1900ع کان هيستائين والٽن جي تاريخ کي عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ايل اين جي پاور پلانٽ پڻ لڳايو ويندو ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ جديد ٽيچنگ اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ته والٽن جي منصوبي تي پڻ ڪم تيزي سان جاري آه?? ۽ ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آه??. وزيراعظم کي راولپنڊي ۾ ناله لئي ۽ رنگ روڊ منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا منص??با ملڪ جي قومي مفاد جي لاءِ تمام اهم آه??. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزياعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر?? راوي اربن ڊيولپمي??ٽ اٿارٽي جي سي اي او عمران امين ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته مقامي حڪومتن جي صوبائي وزير محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور ۽ پنجاب جي لاڳاپيل عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ منصوبا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون