اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزي??اع??م ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزي??اع??م شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزي??اع??م جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م محمد شهباز شريف انهن لاڳاپن کي نئي?? بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي ح??ومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سا?? گڏ بيٺل هوندو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزي??اع??م محمد شهباز شريف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزي??اع??م محمد شهباز شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.
سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : گرم گرم