اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ارسلاوان ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزير??عظ?? شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن ک?? تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزير??عظ?? پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس ??نتظامن ک?? ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزير??عظ?? ارسلاوان ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن ک?? ساراهيو ۽ گڏيل رابطن ک?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. وزير??عظ?? شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ک?? سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون ک?? تيز ڪرڻ ۽ مختلف ش??بن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی