اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان ??در ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران ??در ??يو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اسان ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. ??در ??يو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان ل??ءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت ??در ??يو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن ??يو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگت بلتستان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. ??در گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر ??ڻ موجود هئا.
گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II