اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي پر ان کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ رستن، پلين ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جهڙن وڏن منصوبن جي لاءِ وڏي رقم گهربل آ??ي، سائنسدانن ٻوڏ کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جو نتيجو قرار ڏنو آهي، اس??ن رڳو موسمياتي انصاف گهري رهيا آهيون، تلافي جو لفظ بلڪل اس??عمال نه ڪري رهيا آهيون. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ”فنانشل ٽائيمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ وزيرا??ظم چيو ته اس??ن ڪنهن به قسم جي قدمن بشمول ري شيڊيولنگ يا موريٽوريم جي لاءِ نه چئي رهيا آهيون پر اضافي فنڊز گهري رهيا آهيون. هن چيو ته اس??ن جا مطالبا ۽ جيڪو ڪجهه اس??ن کي ملي رهيو آهي ان جي وچ ۾ وڏو فرق آ??ي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو پيو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته اس??ن واضح طور تي فڪرمند آهيون ڇو ته جيڪڏهن عدم اطمينان گهري سياسي عدم اس??حڪام جو سبب بڻجي ٿو ۽ اس??ن پنهنجي بنيادي گهرجن ۽ هدفن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون ته اهو ظاهر آهي ته ڳنڀير مسئلن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو ڪنهن به قسم جي خطري جي لحاظ کان نه چئي رهيو آهيان پر ان جو حقيقي امڪان موجود آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته اس??ن رڳو موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اس??ن ”معاوضي“ جو لفظ بلڪل اس??عمال نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جتان به ٿي سگهيو اضافي فنڊز حاصل ڪندو، اس??ن موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهي ۽ ان جي خلاف جنگ ۾ آ??ي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ اس??ن نه ٿا چاهيون ائين ٿئي. 32
پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ