ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چي??ي ڪمپنين سان حصيداري وڌائينداسين، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته سندس لاءِ ان منصوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان منصوبي سان ملڪ ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چي?? ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ سان سستي توانائي حاصل ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چي?? ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته اسان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن سان سستي ??جل?? پيدا ڪري سگهون ٿا پر اسان ان سگهه کان گهٽ ??جل?? پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چي?? ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي ??جل?? حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي ??جل?? حاصل ٿيندي. هن چي?? ته ٿر ۾ الله تعاليٰ اسان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪي اسان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائيندي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چي?? ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ ??جل?? پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چي??ي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ اسان چي??ي دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چي?? ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿيندو. پاڪستان ۽ چي?? بهتري?? دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سال?? دوران اسان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چي?? پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چي?? ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ سي پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين ميگاواٽ ??جل?? پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ تحت ??يا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چي?? ته پاڪ چي?? دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي. ويجهي ماضي ۾ سي پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن منصوبن کي اڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي سان انقلاب ايندو. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ڏني ۽ چي?? ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چي?? سان حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چي?? ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چي??ي ڪمپنين سان معاهدا ڪيا ويندا. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ چي??ي ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis