تهران -07 نومبر (اي پي پي) ايران غزه تي ا??ٽم?? بم ڪيرائڻ بابت اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي بيانن بعد گڏيل قومن کان ??ور?? طور تي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي زور ڀر??و آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسن امير عبداللهيان گذريل ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ا??ٽم?? توانائي ايجنسي کان مطالبو ڪ??و آهي، ته اهي اسرائيل کي ا??ٽم?? هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ??ور?? قدم کڻن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ا??ٽم?? توانائي ايجنسي کي ان نسل پرست ۽ وحشي حڪومت کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ??ور?? ۽ مستقل ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا کي غزه ۾ نسل ڪشي جو مڪمل ذميوار قرار ڏنو. جيستائين اسرائيل جي وزير جو غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري ڌمڪي جو تعلق آهي. هن فلسطيني ڌڙن جي حوالي سان چيو ته اهي بيان مزاحمت آڏو سندن حڪومت جي حقيقي شڪست کي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ڪ??و آهي، ته اها اسرائيل کان خطرناڪ ا??ٽم?? خطري کي نظر ۾ رکن. هن ان خطري جي حوالي سان ا??ٽم?? هٿيارن جي استعمال تي پابندي بابت اولهه جي ملڪن جي خاموشي تي تنقيد ڪندي چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اولهه جا دعويدار سالن کان خيالي ۽ ڪوڙي خطري سان وڙهي رهيا آهن. پر کين اصل خطرو نظر اچي ره??و آهي ۽ هاڻي تائين انهن پاران ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايٽمي حملي جي ڌمڪي، گڏيل قومون ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن: ايران
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز