گڏيل ??وم??ن-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ سندن جائز جدوجھد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي آزاد ڪشمير ۽گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀارتي اڳواڻن جي غير ضروري دعوائن کي سختي سان رد ڪيو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالھه تي زور ڀريو ويو آھي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لوڪ سڀا قانون ساز اسيمبلي جون چون??ون ڪشميري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي متبادل طور تي ڪم نه ٿ??ون ڪري سگھن. بيان ۾ ان ڳالھه تي به زور ڀريو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن مطابق ڪشميري ت??را?? جي حتمي حل تي دارومدار رکي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، آذربائيجان ۽ نائيجر جي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراھيم طحه ڪئي. اهو اجلاس گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو آهي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.رابطه گروپ ۾ پاڪستان جي اڳواڻي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ڪئي. هن اجلاس ۾ شريڪ نمائندن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي خر??ب ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙ??ون عروج تي آھن. گڏيل بيان ۾ 5 آگسٽ 2019ع يا ان کانپوءِ کنيل سمورن غير قانوني قدمن کي واپس وٺڻ، ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي مجموعي، منظم ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين کي روڪڻ، ت??را??ي علائقن ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي روڪڻ، گڏيل ??وم?? جي خاص طريقيڪار، عالمي ميڊيا ۽ آزاد مبصرن کي خطي جو دورو ??را??ڻ لاءِ غير محدود رسائي جي اجازت ڏيڻ تي زور ڀريو ويو آھي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت پاران گذريل سال ڊسمبر ۾ ڄمون ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي اهو چئي رد ڪيو ويو ته ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل ت??را??ي حثيت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ملڪي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلن کي استعمال نٿو ڪري سگهجي. بيان ۾ حريت قيادت، ڪشمير جي سياسي اميدن تي آواز ۽ ھزارين سياسي ڪارڪنن ۽ اختلاف راءِ رکڻ وا??ن جي ڊگھي نظربندي، ڪيترين ڪشمير جي سياسي جماعتن تي پابندي ۽ ڪشمير جي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ آبادي کي ڊڄارڻ ۽ ڌميڪون ڏيڻ جي جاري مھم جي مذمت ڪئي وئي.بيان ۾ زور ڀريو ويو ته ڀارت ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي فوج پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙ??ون بند ڪري ۽ گڏيل ??وم?? جي انساني حقن بابت ھاءِ ڪمشنر جي آفيس کي درخواست ڪئي وئي ته ھو ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ خر??ب ٿيل صورتحال جي نگراني جاري رکي. 2018ع ۽ 2019 ع جي پنهنجي رپورٽن کانسواءِ اتي جاري انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٽئين رپورٽ جاري ڪري.بيان ۾ گڏيل ??وم?? جي جنرل سيڪريٽري ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته اھي گڏيل ??وم?? سميت عالمي فورمز تي ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون عوام جي خوداراديت واري حق جو متبادل ناھن: او آءِ سي رابطا گروپ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز