گڏيل قومون- 19 نو??بر (اي پي پي) گڏيل قومون جي ٻن امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته فلسطينين لاءِ خوراڪ کڻي ويندڙ 100 ٽرڪن کي غزه ۾ داخل ٿيڻ بعد ڦريو ويو آهي. وائيس آف آمريڪا مطابق فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي سينيئر ايمرجنسي آفيسر لوئس واٽريج ??يو ته يو اين آر ڊبليو اي ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان فراهم ڪيل خوراڪ کڻي ويندڙ قافلي کي اسرائيل مختصر نو??يس تي ڪيرم شلوم بارڊر ڪراسنگ جي اڻڄاڻ ر??تي کان روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي. هن ??يو ته 16 نو??بر تي قافلي جي 109 ٽرڪن مان 98 تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪجه ٽرانسپورٽر ان واقعي ۾ زخمي پڻ ??يا آهن. پر هنن اها وضاحت ناهي ڏني ته اهو حملو ڪنهن ڪيو. هن خوراڪ جي بحران جي شديد صورتحال طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته خوراڪ جي پهريان کان وڌيڪ کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان بحران ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪي زنده رهڻ لاءِ انساني همدردي جي امداد تي دارو مدار رکن ٿا. ورلڊ فوڊ پروگرام جي ترجمان ڦرلٽ جي تصديق ڪندي ??يو ته غزه جا ڪيترائي رستا هن وقت سيڪيورٽي مسئلن سبب پهچ جوڳا ناهن.
غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ 100 ٽرڪون ڦرجي ويون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا