گڏيل قومون- 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي نسل ڪشي سبب هڪ ملين (10 لک) کان وڌيڪ ٻار ذهني صحت جو شڪار آهن، کين نفسياتي ??لا?? جي ضرورت آهي جنهن جو فنڊ دستياب ناهي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي ??ارن جي سار سنڀال بابت اداري يونيسيف جاري ڪيل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي. يونيسيف چيو ته غزه جا ٻار اسرائيل جي شديد بمباري، خاندان جي ??اڻهن جي شهادتن ۽ ناڪه بندي وارن ??لا??قن ۾ خوفناڪ انساني صورتحال سبب خوف جو شڪار آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ 19 هزار فلسطيني ٻار يتيم ٿي چڪا آهن. دماغي صحت جي ??اهرن خبردار ڪيو آهي ته غزه ?? ٻارن جي ذهني صحت تي مهينن کان جاري اسرائيلي جنگ جو وڏو اثر نسلن تائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان کان علاوه غزه ۾ فلسطين جي شهري دفاع واري کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل پنج مهينن دوران جنگ سٽيل ??لا??قن ۾ اسرائيلي حملن سبب 70 فلسطيني ٻار مارجي ??يا آهن. هڪ تازي رپورٽ ۾ يونيسيف چيو آهي ته 2025ع جي ??هرين هفتي دوران غزه جي ??ٽي ۾ اسرائيل جي بي رحماڻي تشدد ۾ 74 ٻار مارجي ??يا. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل تشدد جي خاتمي لاءِ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزه جي ??ارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ مسئلا کڻي آيو آهي جنهن ۾ مبينه طور تي 74 ٻار شهيد ٿيا آهن. هن نئين سال جي شروعات ?? ٻارن جي ان انگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جي??ي يا ته مارجي ??يا يا ته پنهنجي ??يارن کي وڃائي چڪا آهن. آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيل غزه جي ??ٽي ۾ 46 هزار 565 فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 109، 378 زخمي ٿيا آهن. اسرائيل غزه ۾ خوراڪ ۽ بنيادي سامان جي ??راهمي روڪي شهرين کي فاقه ڪشي کي هٿيار طورتي استعمال ڪري رهيو آهي.
غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب 10 لک ٻار ذهني صحت جي بحران جو شڪار آهن: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena