اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع جي پنهنجي چونڊ منشور ۾ آدمشم??ري ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ ان واعدي جي تڪميل ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ ڇهين آدمشم??ري جي لاءِ سڀئي تياريون مڪمل آهن، انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزري مريم اورنگزيب چيو ته گذريل آدمشم??ري 1998ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٿي هئي ۽ هنيئر ٻيهر وزيراعظم جي ويزن تحت ڇهين آدمشم??ري ڪرائي رهيا آهيون ته جيئن درست انگن اکرن تحت مستقبل جي منصوبابندي ڪري سگهجي. هن چيو ته ان حوالي سان سمورن حصيدارن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ ج??ري دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ امن امان جي صورتحال سبب ان عمل ۾ دير ٿي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو ته گڏيل مفادن و??ري ڪائونسل ملڪ ۾ آدمشم??ري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، هن چيو ته 1998ع جي آدمشم??ري هڪ مرحلي ۾ 19 ڏينهن دوران مڪمل ڪئي وئي جنهن ۾ 2 لک 50 هزار اهلڪارن مدد ڪئي هئي، هن چيو ته موجوده آدم ۽ گهر شم??ري دوران پاڪ فوج جي شموليت ۽ مدد جي حوالي سان حالتون مختلف هيون، تنهن ه??ندي به پاڪ فوج ان قومي فرض جي ادائيگي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ۽ چيو ته آدمشم??ري جو عمل ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ه??ياربند فوج طرفان افرادي قوت جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي
آدمشماري جي لاءِ تياريون مڪمل آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری