اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيدن جي احترام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رحيم ي??ر خان ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مندر جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران اقليتن جي حقن کي ڏني ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام اسان جي بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان جي آئين جي گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم ي??ر خان جي علائقي ڀونگ شر??ف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس ??اخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ضمانت منظور ڪري ان جي آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙيل ميڙ احتجاج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن جي ڏينهن جي موقعي تي ڀونگ شر??ف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.
مذهبي عقيدن جو احترام حڪومت جي بنيادي پاليسي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا