اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ??وج??ده حڪومت پاران اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ي??م ولادت باسعادت جي مناسبت سان عشره رحمت اللعالمين ملهايو پيو وڃي جنهن تي آئون مبارڪون پيش ڪر??ان ٿو، هن حضور اڪرم ﷺ جي رحمت ۽ ان جي عموميت، شموليت ۽ آفاقيت جي مختلف رخن کي اجاگر ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ صه ﷺ کي سڀني جي لاءِ سراپا رحمت بڻائي موڪليو، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان حوالي سان پنهنجي هڪ ب??ان ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری