اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، شهباز شريف چوي ٿو مون هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ??ئي، هڪ نه پر اربين رپين جي ڪرپشن پڪڙي وئي آهي، 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن، مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس مان 4 ا??ب رپيا نڪتا آهن، مقصود چپڙاسي جهڙا 14 ملازم ??ڌي?? آهن جن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا آهن، هر شهري کي رمضان شگر ملز جو ملازم بڻائي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن اهي ارب پتي ٿي وڃن، بلاول بينظير بدران آصف زرداري جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب اسلام آباد ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ڪيو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف مختلف بهانن سان 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ڪيسن ۾ دير انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، انهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي. ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته 7 ارب جو ٽي ٽي جو ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ڪنهن طاقتور کي سزا ملندي ته انصاف جو نظام ??ڌي?? مضبوط ٿيندو. ??مل??تي وزير ??ڌي?? چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻي هجي ته نيون درخواستون داخل ٿي وڃن ٿيون، وڪيل تبديل ڪن ٿا، اهي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر آهن، چوري ناهي ??ئي ته ثبوت عدالتن ۾ پيش ڪن، شهباز شريف بطور وڏي وزير حمزه ۽ سلمان شهباز کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي هئي. ??مل??تي وزير چيو ته اسان کان ساڍا 3 سالن ??و حساب وٺندڙ سنڌ جو 15 سالن ??و حساب ڏين. سنڌ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم، چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، سنڌ حقوق مارچ کي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino