اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) ماحول??ات?? تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان جو موسم??ات?? تبديلين جي سببن ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود هن ٻوڏ جهڙي آفتن جي تباهين جي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، هي هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن ذريعي م??هن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي م??قعي تي پاڪستان جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هن وقت دنيا کي م??سم??ات?? تبديلين جي ڪري هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي جڏهن ته پاڪستان ان کان شديد متاثر آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته موسم??ات?? تبديلين جا اثر تمام گهڻا سنگين نوعيت جا آهن. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري 8 ملين ماڻهو اڃا به متاثر آهن، آبادين ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ کان متاثر آبادي جو ڪاٿو ٽن وچولي سائيز جي يورپي م??ڪن جي آبادي کان وڌيڪ آهي ڇو ته هي صديءَ جي رڪارڊ ٻوڏ هئ??. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڻ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي تباهين جو مشاهدو ڪيو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جا ٿورائتا آهيون جنهن ٻوڏ متاثرين ج?? م??ڪلاتن ک?? م??سوس ڪندي پاڪستان جي لاءِ عالم?? م??د ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪئي. وفاقي وزير چيو ته جنيوا ۾ عالمي برادري پاڪستان جي آواز تي ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن تي اسان ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان موسم??ات?? تبديلين جي اثرن کي م??هن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، 27 ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي حوالي سان ڪوششون ڪامياب ٿيون، اسان جي قيادت اهو سڀ هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو جڏهن اسان جي پنهنجي م??ڪ ۾ ڪلائميٽ ايمرجنسي هئ?? ۽ اها ايمرجنسي جي صورتحال اڃا به آهي. شيري رحمان چيو ته اسان جي لاءِ ڳڻتي جومعاملو اهو آهي ته اهڙي صورتحال اڳتي به پيدا ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ اسان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ مسوم??ات?? تبديلين سان موافقت پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان اسلسلي ۾ قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ سميت مختلف قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ان مقصد جي لاءِ عالمي تعاون سان گڏيل ڪوششون ئي ڪارائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون.
پاڪستان جو موسمياتي تبديلين جي سببن ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ