گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سم??رن رياستن تي ز??ر ڀريو آهي ته هو حملي ۾ ??لو?? ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪن. گڏيل قومن جي 15رڪني سلامتي ڪائونسل ج?? صدر جوز ڊي لاگا سڪا طرفان جاري پريس رليز موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثرن جي وارثن ۽ حڪومت پاڪستان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي، سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه تي ز??ر ڀريو ته دهشتگردي جي ان قابل مذمت ڪاررواين جي مرتڪب ماڻهن، منتظيمن، ما??ي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي جوابده بڻائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان سان گڏ ٻين سم??رن لاڳاپيل عملدارن سان فعال سهڪار ڪرڻ جي ضرروت آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو