??ده- 01 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي امداد ۽ انساني خدمتن بابت شاهه سلمان مر??ز جي امدادي ايجنسي امدادي سامان جون وڌيڪ 16 ٽرڪون رفح ڪ??اس??گ ذريعي موڪلي ڇڏيون. سعودي پريس ايجنسي موجب شاهه سلمان مر??ز غزه لاءِ هلايل عوامي مهم تحت متاثرن کي کاڌي پيتي جي شين، دوائن، طبي لوازمات ۽ عارضي پناهگاهن لاءِ سامان موڪلي رهيو آهي. ياد رهي ته سعودي امدادي مهم دوران هن وقت تائين 172 ٽرڪ امدادي سامان کڻي رفح ڪ??اس??گ ذريعي غزه پهتا آهن. سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ عوامي عطين واري مهم ۾ هن وقت تائ??ن 600 ملين ري??ل کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي چڪي آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ عوامي عطيا مهم جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز