رياض – 30 جنوري(اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزارت مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ انساني بنيادن تي ڪم ڪندڙ اداري يو اين آر ڊ??يلو اي تي لڳايل اسرائيل الزامن جي جاچ ڪئي وڃي ۽ حقيقت جي بنياد تي ثبوت سامهون آندا وڃن. العبيه اردو مطابق مملڪت طرفان اهو مطالبو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس اداري يو اين آر ڊ??ليو اي جي اضافي فنڊنگ روڪي آهي. بعد ۾ آمريڪا ۽ پيروي ۾ برطانيه، اٽلي، سوئٽز رلينڊ، ڪينيڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ جاپان به ان لاءِ فنڊز روڪي ڇڏيا. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪن طرفان اهو ق??م ان جي باوجود سامهون آيو ته اسرائيلي جي الزام جي جاچ اڃا شروع نه ٿي هئي، جڏهن ته يو اين آر ڊ??ليو اي جي سربراه 9 يو اين آر ڊ??ليو اي ڪارڪنن کي ملازمت مان برطرف به ڪري ڇڏيو ۽ 2 جي ڳولا ?? سڃاڻپ جو عم?? هاڻي تائين جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل