واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٻيهر قاتلاڻي حملي کان پ??ءِ صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سر??س کي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سر??س کي هدايت ڪئي آهي ته اها ريپبلڪن آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي مسلسل حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري وس??لا فراهم ڪري. صدر جوبائيڊن چيو ته جيئن ته مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي يا ڪنهن به قسم جي تشدد لاءِ ڪا به جڳهه ناهي ۽ مان پ??هنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سيڪريٽ سر??س وٽ سمورا اهي وس??لا، صلاحيتون ۽ حفاظتي قدم موجود آهن جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش آيل واقعن جا وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آه??. م??ن کي منهنجي ٽيم ان بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. ان کان پ??رين ايف بي آءِ چيو هو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهو ٿيندڙ فائرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری