ڪٽاس راج – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شري?? چيو آهي ته ??قليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وي??دي??ن، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان کي عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي سڃاتو ويندو. هو ڪٽاس راج جي دوري جي موقعي تي واٽر فلٽريشن پلانٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم نواز شري?? چيو ته هو سمورن پاڪستانين جو وزيراعظم آهي ۽ اهو سندس مذهبي فرض آهي ته هو ملڪ جي هر شهري جو بنا ڪنهن فرق جي خيال رکي. هن چيو ته ??ثار قديمه جي حوالي سان ڪٽاس راج کي وڏي اهيمت حاصل آهي جيڪو 4 تهذيبن جو سنگم آهي، اڄ جو ميڙ پوري دنيا کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي برابر جو شهري سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم