اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته فاٽا ۾ اجتماعي ذميداري جو قانون ظلم آهي، فاٽا سڌارن جي ذريعي ان جو ??اتمو ڪيو ويندو، هن اها ڳالهه ڏکڻ وزيرستان جي صلاحڪارن سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيفران وارو وفاق?? وزير عبدالقادر بلوچ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. صدر ممنون حسين چيو ته ايف سي آر کي ختم ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي دائر اختيار کي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏيڻ لاءِ فاٽا سڌارا ڪميٽي وڏيون اهم تجويزون ڏنيون آهن ان بابت هڪ نئون قانون قبائلي علائقن کي ڏنو وڃي جيڪو قبائلي ثقافت ۽ رواج جي نه رڳو پاسداري ڪندو پر اجتماعي ذميداري جهڙي ظالماڻي قانون کي ختم ڪرڻ ۾ موثر ثابت ٿيندو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ