اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ڀارت جي ٻٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀارت نيوزيلينڊ واقعي جي مذمت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪيو، سمجهوتا ايڪسپري?? تي دهشتگرد حملي بابت ڀارتي عدالت جو فيصلو ڀارت جي ٻٽي معياري جي عڪاسي ??ري ٿو، چين پاڪستان جو ل??زوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان هڪ ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ش??يد ٿيندڙ بيگناهن جي ذميوار چئن ڏوهارين کي آزاد ڪر?? ڇڏڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز