اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبدي??ي واري مملڪتي وز??ر زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”??يچ??رج پاڪستان“ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي لاءِ به پاڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبدي??ي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي پينل انٽرويو دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار