اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي (اين اي پي ايڇ ڊي اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو جي ??اڪستان ?? پهرين فيبري ڪيٽڊ هائوس جو ا??تتاح ڪيو، سومر ڏينهن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪمپني پاران ڪيٽڊ هائوس جو ڊيمو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نئون پاڪستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل عامر اسلم خان سميت ڪمپني جي ??مائندن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته پوئتي پيل ۽ غريب طبقن کي گهٽ لاڳت جي گهرن جي ??راهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد جي ??اءِ حڪومت بلڊرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ڪمپني پاران نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي، ڪمپني جي ??مائندن ٻڌايو ته ٻن ڪمرن تي ٻڌل گهر ستن ڏينهن ۾ تيار ڪيو وي?? آهي، گهڻين خاصيتن سان گڏ ان گهر جي ڄمار 50 سال آهي، هن ٻڌايو ته ان گهر جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٻاهران گهرايو وي?? آهي، ان کي ملڪ جي اندر به تيار ڪري سگهجي ??و، ان گهر جي تياري ۾ انسوليشن والس استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا راويتي گهر جي ??قابلي ۾ 43 ڀيرا بهتر آهي، جڏهن ته اهو گهر باهه ۽ زلزلي جي خطرن کان به محفوظ آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪمپني چار ماڙ گهر ۽ اپارٽمينٽس جي تياري ڪري سگهي ٿي، هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ??نتقلي سان نه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي پر ٽيڪنالاجي جي حامل تعميراتي ۽ لاڳاپيل شعبن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪمپني جي ??مائيندي چيو ته ان جي ڪمپني وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي تعمير جي ??يزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪي?? آهي، ڪمپني ساليانو 18 هزار گهر ۽ اپارٽمينٽس تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن ٻڌايو ته وڌيڪ پيداواري سهولتن سان گڏ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ??و، ان کان اڳ نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڪمپني پاران تيار ڪيل پهرين فيبريڪيٽڊ گهر جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر اسلم خان ۽ ٻيا سينئر ع??دي??ار به موجود هئا.
نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين پاران پهرين فيبري ڪيٽڊ هائوس جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی