اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??نج??يئرنگ يونيورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ مختلف شعبن ۾ اڳتي ??ڌي سگهجي، ??نج??يئرنگ شعبي ۾ معذور ماڻهن ۽ عورتن جي لاءِ داخلا ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??نج??يئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل گورننگ باڊي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??نج??يئرنگ اهو پيشو آهي جيڪو قومن جي تعمير ڪري ٿو، ??نج??يئرز جي محنت سدائين قائم رهي ٿي. هن چيو ته ??نج??يئرز جي محنت ۽ ڪم سان تهذيبن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پاڪستاني ??نج??يئرز سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، ??نج??يئرز دفاع ۽ ڪنسٽرڪشن سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت جي ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ان ۾ ??نج??يئرز جو اهم ڪر??ار رهيو. هن چيو ته پاڪستان جو سدائين موقف رهيو ته افغان مسئلو جنگ سان حل نه ٿيندو، اربين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا کي سمجهه ۾ آيو ته افغان مسئلو طاقت سان حل نه ٿيندو. صدر چيو ته ??نج??يئرز مان وڏيون اميدون آهن، تعميرات، نيوڪليئر ??نج??يئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحوليات، توانائي سميت ٻين شعبن ۾ دنيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ??نج??يئرز جو اهم ڪر??ار آهي. هن چيو ته پاڪستان ??نج??يئرنگ ڪائونسل کي ??نج??يئرز جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته يونيورسٽيز ۽ انڊسٽري کي پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻو پوندو، ??نج??يئرنگ يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب ??نج??يئرز پيدا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته عالمي معيار موجب ??نج??يئرنگ جي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن پاڪستاني ??نج??يئرز ملڪي ترقي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن، هنرمند ماڻهن، ڊاڪٽرز ۽ ??نج??يئرز کي ملڪ ۾ موجود موقعن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ??نج??يئرنگ ڪائونسل معذور شاگردن جي حوصلا افزائي ڪري، عورتن کي به ??نج??يئرنگ جي شعبي ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت همدردي ۽ احساس جو رويو اختيار ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان تي ڀارت کان گهٽ اثر پيا. هن چيو ته نيڪ نيتي ۽ محنت سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خاص طور تي ??نج??يئرنگ جي شعبي جي بهتري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ??نج??يئرز جي تعليم جي آخري مرحلي ۾ انٽرن شپ هجڻ گهرجي، ??نج??يئرنگ جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم ض??وري آهن، حڪومت جو ڪم ساز??ار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ مراعتون ڏيڻ آهي. پاڪستان ??نج??يئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين ايم اين اي ??نج??يئر نجيب هارون چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ ??نج??يئرز جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ??نج??يئرنگ جي تعليم کي عالمي معيار جي برابر آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ ??نج??يئرز جو اهم ڪر??ار آهي ۽ اهي پنهنجي ان ڪر??ار کي ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا.
انجنيئرنگ يونيورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی