اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان ??ٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان ??صوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ??اري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران ??ان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان ??نڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان ??ٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ ج?? عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس موجب صحت انصاف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.
وزيراعظم عمران خان انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria