اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن ??ان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج