اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو باصلاحيت نوجوان آه??، ملڪ جي ترقي جو دارومدار نوجوانن جي ترقي تي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، صوبائي وزيرن راءِ تيمور خان ڀٽي، راجا ناصر علي خان مقپون ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائي رهي آه??، ڪاميابي جو رستو جدوجهد جو رستو آه??، پاڪستان ۾ نوجوانن جو تناسب وڌيڪ هجڻ ملڪ جي خوش قسمتي آه??. هن چيو ته ليڊر سدائين سچو ۽ ايماندار هوندو آه??، هن نوجوانن تي زر ڏنو ته هو سچ جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته جڏهن اسان ا??تدار ۾ آياسين ته ملڪي روانگي واپار صرف 20 ارب ڊالر هو، حڪومت جي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آه??، پاڪستان وسيلن جي دولت سان مالا مال آه?? اسان جو سڀ کانو ڏو سرمايو باصلاحيت افرادي قوت يعني نوجوان آه??،
ان موقعي تي خاص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام تحت قائم ٿيل نيشنل يوٿ ڪائونسل ۽ نوجوانن جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل يوٿ ڊولپمينٽ فريم ورڪ 6 شعبن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آه?? جنهن ۾ سماجي تحفظ، معاشرتي اعتبار سان نظرانداز نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ واپس آڻڻ شامل آه??، صحت، نوجوانن کي نظر ۾ رکندي اداره جاتي سڌارا، سوڪ انگيجمينٽ به فريم ورڪ جو حصو آه??، ان کانسواءِ روزگار جا موقعا ۽ معاشي خودمختياري به فريم ورڪ جي 6 شعبن ۾ شامل آه??،
هن ٻڌايو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 2023ع تائين نوجوانن ۾ معاشي خودمختياري ۽ يوٿ انٽرپرونيورشپ لاءِ 100 ارب روپيا ورهايا ويندا، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان هنرمند پروگرام تحت 2 لک نوجوانن کي وظيفا ڏنا ويندا، ڪامياب جوان مرڪز، ٽيلنٽ هنٽ، راندين جي اڪيڊميز گرين يوٿ موومينٽ ۽ انوويشن ليگ به منصوبي جو حصو آه??، يوٿ ڪائونسل ۾ پوري ملڪ جي مختلف شعبن مان 33 نوجوان شريڪ آه??، نوجوانن جي چونڊن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن، ٽرانس جينڊرز، اقليتن، جسماني طور تي معذور ماڻهن، مرد ۽ عورتن جي برابر نمائندگي جو خاص خيال رکيو ويو آه??.