اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 سيپٽمبر تي ٽانڪ ضلعي ۽ 25 سيپٽمبر تي ڪوئيٽا ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سان رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي ا??هن جي خد??تن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي 25 سيپٽمبر تي بلوچستان هرنائي ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پ??نئيرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن ڪيپٽن سڪندر سهيل ۽ سپاهي محمد عرفان جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. صدر سپاهي ماجد فريد، سپاهي حسنين رحمت جي گهرڀاتين سان ڳالهه بولهه ڪئي. هن سپاهي ذاڪر حسين ۽ سپاهي محمد سليم جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيدن کي ا??هن جي خد??تن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II