اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آه?? ته ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي معاشرتي س??گرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ مهانگائي جو مسئلو وڌيڪ آه??، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري اڄ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آه??، اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آه??، جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته اسان کي معاشي س??گرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. چوڌري ف??اد حسين چيو ته هنرمند ۽ تعليم يافته عورتون پنهنجون ڪمپنيون جوڙي سگهن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آه??، حڪومت به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري رهي آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين احساس پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آه??، عورتون پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آه?? ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آه??. چوڌري ف??اد حسين چيو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي س??ح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آه??. هن چيو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آه??، شهرن ۾ مهانگائي جا مسئلا وڌيڪ آه??، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان ک?? پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.
ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina