ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم ??وسا چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي ??الن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو سلسلو جاري آهي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي ??سيمبلي ميمبر مير سليم ??وسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگرافيائي ??يثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير?? عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلوچستان ج?? عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل آهي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو جواز فراهم ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ ڪشمير?? عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي: مير سليم کوسا
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی