اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ زراعت کاتي جي صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. فورم ??ي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي جي ??يڪالي وارن قدمن، درياهن، ڊيمن ۾ پاڻي جي آمد ۽ نيڪال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ??ي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري سروي تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪي پي ڪي جي 20 ضلعن، بلوچستان جي 26 ضلعن ۾ گڏيل سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ جي 22، بلوچستان جي 6 ۽ ڪي پي ڪي جي 13 ضلعن، پنجاب جي 2 ضلعن ۾ سروي جاري آهي. اين ايف آر سي سي هدايت ڏني ته گڏيل سروي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽيمن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي. اجلاس ۾ متاثر آبادگارن کي ربيع جي ??صل جي ??ج جي ??راهمي جي ??دمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت ۽ صوبن ??ي ٻج جي خريداري ۽ ورهاست جو معاملو فوري طور حل ڪري ٽانڪ ۾ متاثرن لاءِ ماڊل وليج جي ??يام تي پڻ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
اين ايف آر سي سي اجلاس، متاثر علائقن ۾ جاري گڏيل سروي تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ