اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي، ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اڄ اسان ڪشميري عوام جي ناقابل تنسيخ حق خودار??دي?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل حمايت جي اظهار ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهيا آهيون. ان موقعي تي اسان ڀارت جي غي??قا??وني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل مزاحمت ۾ بي لوث قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اسان هن ڏينهن تي عالمي برادري جو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن طرف ڇڪائڻ لاءِ ملهائي رهيا آهيون، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو. ڪشمير جي يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته گذريل 75 سالن کان ڀارتي قابض فوج غي??قا??وني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ دهشتگردي جو راڄ مڙهي رکي?? آهي، ۽ اتان جي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ بدترين مهم شروع ڪري رکي آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي هٿياربند اهلڪارن جي موجودگي خطي کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏي?? آهي. ڀارت جي غي??قا??وني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي غي??قا??وني ۽ هڪ طرفن قدمن عالمي قانون، بشمول گڏيل قومن جي چارٽر، چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي هڪ کليل ڀڃڪڙي هئي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آب??دي??َ جي ڍانچي ۾ مصنوعي تبديلين، سياسي انجنيئرنگ، مقامي ماڻهن جي معاشي پسماندگي ۽ ڪشميري سڃاڻپ ۽ ثقافت تي حملن ذريعي انهن غي??قا??وني قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهي?? آهي. ڀارت جو ظالماڻو رويو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عدالت جي مٿانهين قتل، من پسند حراست، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين ۽ پيلٽ گنز جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ميڊيا تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي محافظن کي قيد ڪري رکي?? آهي. انساني حقن جي ڪيترين ئي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ان ظلم ۽ ڏاڍ کي چڱيءَ ريت دستاويزي صورت ۾ اجاگر ڪي?? آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته اهو گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي مبصرن، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي غي??قا??وني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير تائين بنا رنڊڪ جي رسائي ڏئي ته جيئن اهي اتان جي صورتحال بابت درست معلومات حاصل ڪر?? سگهن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي تحقيقات ۽ انهن کي رپورٽ ڪر?? سگهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان علمي برادري ۽ تنظيمن تي زور ڀري ٿو ته اهي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان لڳاتار ان ڳالهه تي زور ڀري?? آهي ته ڄمون ڪشمير تڪرار جو جٽادار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ئي ممڪن آهي. پاڪستان ان جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اسان ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهيا آهيون: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania