اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ?? ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ پ??هنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي. هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عم??دارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عم??دارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عم??دارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عم?? ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ?? ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.
ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات