اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ٽيل??فو??ڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان دوران وزير??عظ?? شهباز شريف ازبڪ صدر ??ي 9 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزير??عظ?? صدر مرزيوئيف جي ٻيهر چونڊجڻ کي ازبڪ عوام جي ان جي قيادت تي اعتماد جو مظهر قرار ڏيندي پنهنجي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. وزير??عظ?? ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي زور ڏيندي ترجي??ي واپاري معاهدي ۽ ازبڪستان – پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ جي آپريشنل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهي ٻئي معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ثمرقند ۽ آستانه ۾ سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي يا?? ڪندي ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada