لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون، مستقل پاليسيون ٺاه?? جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي، ري??يو پاڪستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ري??يو پاڪستان جي نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ا?? سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني آهي 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، حب تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو ڇو ته جيستائين تڪبنديون مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏي?? جو ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آهي ته اليڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا ج??ڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آهي ته جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿي وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آهي ج??ڪو پيشيواراڻي طريقي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ري??يو پاڪستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدود آهن، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪر?? جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن ري??يو پاڪستان ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ سان ڳنڍجي ويندو ته ان نظام سان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته اميد آهي ته چونڊيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ري??يو پاڪستان کي ڪجهه ??ال?? مسئلا درپيش آهن، 90ع جي ڏهاڪي تائين ري??يو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسواءِ ڪو آمدني جو ذريعو نه آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ري??يو لائيسنس فيس جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اسان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ري??يو پاڪستان کي درپيش ??ال?? مسئلن جي حل لاءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاه?? جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن هو ري??يو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان وقت ري??يو پاڪستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب سائيٽس جاري ڪيون، ري??يو پاڪستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پاڻ ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجود آهن. هن چيو ته ري??يو پاڪستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آهن، ري??يو پاڪستان جي پهرين ڊي ايس اين جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت ري??يو پاڪستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.
تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری