ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن ??ان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جو نگران وڏو وزير ع??ي مردان خان ڊو??ڪي پڻ موجود هو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، لاء انفورسمنٽ آپريشن، اسمگلنگ ۽ منشيات جي خلاف بلوچستان ۾ آپريشنز، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ يا پرائيويٽ منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ غيرملڪين جي سيڪيورٽي، غيرقانوني غيرملڪين جي انهن جي پنهنجي وطن و??پسي، فارن ڪرنسي کي باقاعده بڻائڻ جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران و??يراعظم بلوچستان حڪومت پاران اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. اجلاس دوران نگران و??يراعظم زور ڏنو ته صوبي جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين سرڪاري ادارن سان گڏجي غيرقانوني سرگ??مي?? جي خلاف ڪاررواين جي لاءِ پوري طاقت سان مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن و??يلن جي ڦرلٽ ۽ انهن سرگ??مي?? جي ڪري ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. نگران و??يراعظم چيو ته وفاق جي سطح تي ايس آئي ايف سي تحت کنيل قدمن جو هر صوبي جي ماڻهن تي اثر ٿيڻ گهرجي، بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ترقي سان علائقي جي ماڻهن جي لاءِ معاشي سرگ??مي?? ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته انساني وسيلن جي ترقي کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. نگران و??يراعظم چيو ته انهن قدمن ??ان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياستي ادارا بشمول سرڪاري ادارا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ نگران و??يراعظم ۽ آرمي چيف جو ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ بلوچستان ڪور ڪمانڊر استقبال ڪيو.
بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : loteria estadual