اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان جا ??طر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ??طر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??طر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، نائب امير شيخ عبدالله بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جا پنهنجي وزيراعظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چي?? ته پاڪستان کي ??طر سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ??طر جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چي?? ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موثر ۽ نتيجاخيز طريقيڪار طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ??هي آهي ته غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگ??ن. ??زيراعظم غزه ۾ امن جي ڪوششن ۾ ??طر جي تعاون کي ساراهيو. هن چي?? ته اها ڳالهه انتهائي ??فسوسناڪ آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ به غزه ۾ تشدد جو سلسلوجاري آهي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ ??طر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي ??طر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام ويجهي مستقبل ۾ سندس استقبال جي منتظررهندي. ??طر جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چي?? ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.
پاڪستان جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão quina