اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري لاڳاپن کي واپار، معيشت، زراعت، عوام سان عوام جي رابطن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سمورن سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان جي دوري تي ايل چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوئو چائو هوئي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??نه??جي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان ۽ چيني ۽ پاڪستاني حڪومتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا لڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان سي پيڪ کي تزويراتي اهميت وارو منصوبو سمجهي ٿو. صدر چيو ته گوادر بندرگاهه سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو ۽ چين تائين سامان جي چرپر سستي ٿيندي. ان موقعي تي صدر انساني وسيلن کي چين جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تربيتي منصوبا شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني. صدر بشام ۾ چيني شهرين تي دهشتگرد حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان چيني شهرين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. صدر پاڪستان جي اقت??اد?? ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ اسڪولن جي نئين سر تعمير ۾ ايجنسي جي ڪردار کي ساراهيو. هن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ليڊي هيلٿ ور??رز جي لاءِ گهرن جي تعمير ۾ ايجنسي جي ڪردار کي ساراهيو. چيئرمين چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي صدر کي پاڪستان جي سماجي ۽ اقت??اد?? ترقي ۾ ايجنسي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ لوئو چائو هوئي سياحت ۽ زرعي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. لوئو چائو هوئي چيو ته ٻنهي ملڪن جا ??شم?? ٻطرفن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، ??نه??جي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.
پاڪستان سمورن سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔