اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري ??و عمل مڪمل شفاف ٿيندو، سي سي او پي جي سربراهه جي حيثيت سان پڻ شفافيت کي يقيني بڻائيندس. سينيٽ جي اجلاس ۾ رياست?? ملڪيتي ادارن بابت ترميمي ايڪٽ بل تي سينيٽر علي ظفر جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته نجڪاري ??ابت سمورن حڪومتي اتحادين کي پڻ مڪمل اعتماد ۾ ور??و ويندو، پاڪستان اسٽيل ملز جي خساري ۾ قوم جا اربين رپيا ضايع ٿي چڪا آهن، ڇا اسان وڌيڪ اهو نقصان برداشت ڪري ??گهون ٿا. هن چيو ته پي ٽي سي ايل کي مشرف دور ۾ اتصالات کي وڪرو ڪيو ويو، ان وقت ٽي آڇون موصول ٿيون هيون، ان کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت سميت ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ته اهو معاملو نه سلجهايو ويو، اسان ان معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهيون، پي ٽي سي ايل جا ساڍا ٽي سئو مان ڏيڍ سئو اثاثا اڃان به اتصالات جي حوالي ناهن ڪيا ويا. اسان انهن کي 150 مان 30 اثاثن ??ي وٺي آياسين، اتصالات انهن اثاثن جي پنهنجي طور تي قيمت لڳرائي آهي، ان تي پراپرٽيز جي 263 م??ين ڊالر قيمت لڳرائي وئي جيڪا تمام گهٽ آهي.
ادارن جي نجڪاري جو عمل مڪمل شفاف ٿيندو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس