اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي، عالمي بر??در?? افغان پناهگيرن جي ايتري وڏي انگ جي ميزباني ڪرڻ سا?? پاڪستان تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ مسئلي ??ي پائيدار حل جي لاءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ??ي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) فليپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم يو اين ايڇ سي آر سا?? پاڪستان ??ي پراڻي حصيداري جو حوالو ڏيندي چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ گڏيل قوم?? پارا?? پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي چئلينجز جي باوجود پاڪستان سدائين افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي بر??در?? افغان پناهگيرن جي ايتري وڏي انگ جي ميزباني ڪرڻ سا?? پاڪستان تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ۽ ان مسئلي ??ي پائيدار حل جي لاءِ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪري. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي لاڀائتو بڻائڻ جي لاءِ يو اين ايڇ سي آر تي زور ڏنو ته هو افغان پناهگيرن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ پائيدار حل کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته افغان پناهگيرن جي محفوظ ۽ باوقار ??طن واپسي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان پناهگيرن جي ??طن واپسي جي سلسلي ۾ عالمي بر??در?? پاڪستان کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن ۽ سلامتي جي خطرن کي نظر ۾ رکي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي مثالي مهمان نوازي جي لاءِ خراج تحس??ن پيش ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته يو اين ايڇ سي آر افغان پناهگيرن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جو هاءِ ڪمشنر 7 کان 9 جولاءِ 2024ع تائ??ن پاڪستان جي دوري تي آهي.
چئلينجز جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي انتهائي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی