اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستا?? ۽ ??ين، سي پيڪ فيز2 تحت انهن پنج اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ٿيل سي پيڪ منصوبن جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، ادارن جي ??رب??اهن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ وزارتن جي اعليٰ عملدارن کي انهن ڪوريڊورز تي گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ورڪنگ گروپس کي آگسٽ 2023ع ۾ چين جي صدر جن پنگ جي تجويز ڪيل 5 ڪاريڊورز تي ڪانسپٽ پيپرز تي??ر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، حڪومت پاڪستا?? ۽ ??ين، سي پيڪ فيز 2 تحت انهن 5 اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃ??، سي پيڪ فيز 2 جا سمورا منصوبا انهن پنج نون ڪوريڊورز موجب تي??ر ڪيا وڃ??. احسن اقبال چيو ته پنج نون ڪاريڊورز ۾ گروٿ، اڪنامڪ ڊولپمينٽ پروجيڪٽس، انوويشن، گرين ۽ ريجنل ڪنيڪٽيويٽي شامل آهن، اهي پنج ڪوريڊورز پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ ”فائيو اي ايز“ سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن چيو ته انوويشن ڪوريڊور تحت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نون منصوبن جو بندوبست ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ مهارت ڏيڻ شامل آهي. اوپن ريجنل کي آپريشن تحت سي پيڪ سينٽرل ايشيا سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پنج ڪوريڊورز جي حوالي سان پاڪستان جي هوم ورڪ بابت تي??ر ڪيل دستاويز چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران پيش ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته سموريون وزارتون سي پيڪ پورٽ فوليو تحت پنج سالن جو منصوبو تي??ر ڪ?? ۽ ??ين جي سي سي آڏو پيش ڪن، سيپٽمبر ۾ وڌ کان وڌ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جا اجلاس منعقد ڪيا وڃ?? ته جيئن آئنده پنج سالن جي سي پيڪ جو لائحه عمل تي??ر ڪري سگهجي، اسان جو مقصد صنعتي ۽ واپاري ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، ڊگهي مدي وارن منصوبن کي هر شعبي جي لحاظ کان بريڪ اپ ڪري ورڪنگ گروپس ۾ شامل ڪيو وڃ??. وفاقي وزير چيو ته سموريون وزارتون ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سي پيڪ جو باقاعده پلان تي??ر ڪري پيش ڪن، گڏيل ورڪنگ گروپ جي ايجنڊا ۽ ڄاڻايل منصوبن جي چونڊ لاءِ هفتيوار گڏجاڻيون منعقد ڪيون وڃ??، ايندڙ پنج سالن جي ڄاڻايل ايجنڊا ۽ پلان تي??ر ڪن. هن چيو ته اسان کي نه رڳو پنهنجو پنج سالن جو منصوبو تي??ر ڪرڻ گهرجي پر چين جي سي پيڪ فيز 2 جي منصوبي جي به مڪمل تفصيل معلوم هجڻ گهرجن. نون آئيڊياز تي ٻڌل منصوبا تي??ر ڪريون، ايندڙ گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ جي سي سي جي اجلاس لاءِ ڄاڻايل منصوبن تي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃ??.
پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز 2 تحت 5 اقتصادي راهداري تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا