اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽ??ٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ??هي ته ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار تبديلي سان نه رڳو بئنڪن کي نئين طريقي سان مالي سهولتون صارفين کي فراهم ڪرڻ جي قابل بڻايو ??هي پ?? ضابطه ساز ادارا به جديد ترين ڊيٽا گڏ ۽ پراسيس ڪري موثر طريقيڪار سان تعميل کي يقيني بڻائڻ جي قابل ٿيا آهن. اهڙو اظهار هن 13 هين بئنڪ آف دي فيوچر فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو موضوع بئنڪاري جو مستقبل هو. هن بئنڪاري شعبي ۾ نواڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏيڻ جي اسٽ??ٽ بئنڪ جي عزم کي اجاگر ڪيو، جنهن سان پاڪستان ۾ متحرڪ مالي شعبي لاءِ راهه هموار ٿيندي. اسٽ??ٽ بئنڪ جي گورنر چيو ??ه اسٽ??ٽ بئنڪ جي ڊجيٽل تبديلي جي شروعات 2002ع ۾ ٿي جڏهن ان Temenos بئنڪنگ سسٽم ۽ نان بئنڪنگ ڏي وٺ لاءِ اي آر پي سسٽم لاڳو ڪيو، جڏهن ته ڊيٽا بابت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊيٽا ويئر هائوس بڻايو، اسٽ??ٽ بئنڪ 2008ع ۾ ريئل ٽائيم گراس سيٽلمنٽ سسٽم جنهن کي پ??زم چيو ويندو آهي لاڳو ڪيو ??يڪو وڏي پ??ماني تي وڏي ماليت جي اداراجاتي ادائيگين کي پ??اسس ڪري ٿو. تازو ئي اسٽ??ٽ بئنڪ پنهنجو جديد ترين Tier-3 ڊيٽا سينٽر بڻايو ??هي جيڪو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون سينٽر آهي. هن ٻڌايو ??ه اسٽ??ٽ بئنڪ اسٽيٽ آف دي آرٽ آءِ ايس او 2022ع ادائيگي جا معيار لاڳو ڪري عالمي رجحانن موجب پنهنجي ادائيگي جي صنعت کي هڪدم تبديل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو، فوري ادائيگي جو اسان جو ملڪي نظام راست 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو ??يڪو آءِ ايس او 2022ع معيارن تي ٻڌل آهي.گورنر ٻڌايو ??ه اسٽ??ٽ بئنڪ راست کي عرب مانيٽري فنڊ جي فوري ادائيگي جي سسٽم بونا سان جامع ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيو ??هي ته جيئن عرب ملڪن ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين کي آساني ۽ سهولت سان پنهنجي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلڻ ۾ مدد ڏني وڃي. گورنر حاضرين کي ٻڌايو ??ه اسٽ??ٽ بئنڪ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان ۾ 59 ملين برانچ ليس بئنڪاري والٽ، 19 ملين موبائيل بئنڪنگ ايپس، وڌيڪ 3.7 ملين اي – مني والٽ ۽ انٽرن??ٽ بئنڪنگ استعمال ڪندڙ 112 ملين صارفين ڊجيٽل طريقي سان سان پراسيس ٿيل خرده ٽرانزيڪشن جي مجموعي تعداد 2020ع کان هن وقت تائين 30 سيڪڙو وڌي چڪي آهي ۽ مجموعي ٽرانزيڪشن ۾ ڊجيٽل ادائيگين جو جيڪو تناسب مالي سال 23 ۾ 76 سيڪڙو هو جيڪومالي سال 24 ۾ وڌي 84 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، موبائيل فون ۽ انٽرن??ٽ بئنڪاري ذريعي پ??اسيس ٿيل ٽرانزيڪشن جو ساليانو انگ ترتيبوار 70 سيڪڙو ۽ 30 سيڪڙو جي شرح کان وڌي رهي آهي. اها ڳالهه حيرت انگيز ناهي ڇاڪاڻ ته اسان جي آبادي ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي جيڪي موبائيل ايپ استعمال ڪرڻ ۾ ماهر آهن. هن چيو ??ه پاڪستان ۾ هڪ متحرڪ فن ٽيڪ سيڪٽر جي آمد حوصلي واري آهي. هي فن ٽيڪ ڪمپنيون نئين مارڪيٽن ۽ يوز ڪيسز جي ڳولا لاءِ سخت محنت ڪري رهيون آهن. هن آءِ ٽي سيڪٽر کي ترغيب ڏياري ته هو تبديلي جي ان عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.
ڊجيٽلائيزيشن سان مالي خدمتن ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل